سنڌ

پوليس اهلڪار پارٽي جا جهنڊا ٺاهي جلسي گاهه ۾ لڳائيندا رهيا

شهيد بينظير ڀٽو جي 14 ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سرڪاري مشنري کي ورسي جلسي جي انتظامن تي لڳايو ويو. خبر موجب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي دوران سنڌ پوليس جا اهلڪار ۽ ليڊيز ٽريفڪ پوليس اهلڪار پيپلزپارٽي جا جهنڊا ٺاهي مزار اندر جلسي گاهه ۾ لڳائيندا رهيا، جڏهن ته ڪيترن پوليس اهلڪارن کي ميڊيڪل ڪئمپن، سبيلن تي ڊيوٽيون سرانجام ڏيندي ۽ پينافليڪس ۽ جهنڊن لڳائڻ جون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندي ڏٺو ويو. ٻئي طرف هڪ اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان پوليس اهلڪارن کي هزارن جي تعداد ۾ سول ڊريس پارائي مزار ۾ موجود عوام سان گڏ ويهاريو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي اهلڪارن کي سول ڊريس ۾ مزار اندر ۽ ٻاهر ورسي جلسي جي ڪمن ڪارن ۾ لڳايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button