سنڌ

امان جي ياد هاڻي اڳ کان گهڻي اچي ٿي:بختاور ڀٽو

اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي تي سندس وڏي ڌي بختاور ڀٽو زرداري پيغام جاري ڪندي چيو ته امان جي پهريان کان وڌيڪ ياد اچي ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران بينظير ڀٽو جي ورسي بابت شيئر ڪيل خاص پوسٽ تي بختاور هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو. بختاور ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته اسان جي ما محترمه بينظير ڀٽو شهيد هاڻي اڳ کان گهڻو ياد اچي ٿي. هن لکيو ته جڏهن مان ڪاليج ۾ يا گريجوئيشن وقت پنهنجا گريڊز حاصل ڪيا ۽ جڏهن مان پنهنجي شادي جي پلاننگ ڪري رهي هئس يا جڏهن منهنجي شادي جون تقريبون ٿي رهيون هيون ۽ ماءُ بڻجڻ جي ڏينهن ۽ هاڻي پنهنجي تازي ڄاول ٻار سان گڏ منهنجي ما تمام گهڻو ياد آئي. بختاور لکيو ته منهنجي ما هن دنيا ۾ هجي ها ته هن سال پهرين ناني بڻجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button