سنڌ

نسلا ٽاور جي منطوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪرمنل ڪارروائي جو حڪم

سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي 780 چورس گز کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بلڊنگ پلان جي منطوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڊي جي ايس بي سي اي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اٽارني جنرل عدالت کي نسلا ٽاور جي متاثرن کي معاوضو ادا ڪرڻ جي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته نسلا ٽاور بلڊر اڃا تائين معاوضو ادا ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا آهن. اٽارني جنرل چيو ته عمارت ڊاهڻ سان گڏ زمين کي به تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آفيشل اسائني کي زمين تحويل ۾ وٺڻ ۽ وڪرو روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت نسلا ٽاور جي بلڊنگ پلان جي منظوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته ملوث آفيسرن خلاف ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي انهن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button