سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسين جو بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ مهراب ڪلهوڙو واسي عورتن بااثرن ۽ ڳيريلو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت زينت خاتون ڪلهوڙو ۽ ٻين عورتن اڪبر خاتون، ڪوثر خاتون ڪلهوڙو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته بااثر مختيار ڪلهوڙو، محمد صديق، امداد ، شبير ، بشير، سهيل ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪجهه وقت اڳ اسان جي مردن کان 15 لک ڀتو گهريو هو، پئسا نه ڏيڻ تان مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن، اهڙي دانهن ڳيريلو ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي.. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن ۽ ڳيريلو پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ڦريل سامان ۽ کنڀيل پيرسن مڙس ولي محمد ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button