سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ليڊيز ڪانسٽيبل جي ڀرتين لائي ڊوڙ جي ٽيسٽ

لاڙڪاڻي ريجن م ليديز ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ پاڪستان ٽيسٽگ سروس جي نگرانيءَ هيٺ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ اميدوارن کان فٽنيس ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ اٽڪل 800 ميٽر ڊوڙ ۾ 310 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي. ڊوڙ ۾ اڪثر عورت اميدوار ڊوڙي نه سگهيون. هوڏانهن اي آءِ جي ويلفيئر ۽ پوليس ٽريننگ اسڪول جي پرنسپال اختر حسين چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪري ٽيسٽ انتظامن جو جائزو ورتو. ٽيسٽ انتظاميا موجب ڊوڙ ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ عورتن جو قد ماپي بعد ۾ انٽرويو ورتا ويندا، جنهن کانپوءِ اميدوارن جون حتمي فهرستون ٺاهي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button