سنڌ

لاڙڪاڻي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ووڊ ورڪنگ ٽريننگ ڪرائي وئي

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي ماتحت گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي لاڙڪاڻو ۾ ووڊ ورڪنگ مشين جو نئون ڪورس متعارف ڪرايو ويو. ڪورس بابت ملازمن کي ٻه ڏينهن جي ريفريش ڪورس ٽريننگ ڪرائي وئي. ٽريننگ دوران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريد حسين ککراڻي، مئنيجر طارق ابڙو ۽ پرنسپال صالح محمد شاهه موجود هئا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريد حسين ککراڻي چيو ته ووڊ ورڪنگ مشين جو ڪورس ڪندڙ نوجوان ۽ عورتن کي وظيفو ڏنو ويو، هن چيو ته ملازمن کي ٽريننگ ڪرائي وئي ته جيئن ايندڙ نسلن کي هن ڪورس بابت سٺي فني تعليم ڏئي سگهجي. هن چيو ته هن ڪورس ذريعي نوجوانن ۽ عورتن کي هنري سکيا ڏئي معاشي طور مضبوط ٿي پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هنن چيو ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر تي بهتر کان بهتر هنري سکيا ڏني پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button