سنڌ

رتوديرو ويجهو ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر ڪلٽي، آبادگارن جو ٽرالر کي گهيري ڌرڻو

رتوديرو ويجهو طيب لاڙي وٽ ڪوهيڙي سبب ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر روڊ تان هيٺ لهڻ ڪري سوين ٻوريون ڀاڻ جون روڊ تي وکرجي ويون. اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڀاڻ جي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي سوين آبادگارن ٽرالر کي گهيري ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي چيو ته هڪ ٽرالر ڀاڻ سان ڀريل هٿ آيو آھي، جنهن ۾ 12 سئو ٻوريون آھن جنهن جي ڄاڻ ڊي سي کي ڏني آھي. مڇريل آبادگارن رتوديرو با پاس انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آبادگارن احسان ڀٽي، حفيظ جلباڻي، محمد صالح لولائي، محمد صديق ڀٽو، ممتاز سيلرو، خان جلباڻي، حاجي ادريس سيلرو، نياز حسين سناڻي، عابد جلباڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واپاري ڀاڻ جا ٽرالر ڀرائي پنهنجي من پسند اگهن تي وڪرو ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته سرڪاري اگهه 1768 روپيا آھي ۽ منافعي خور واپاري 3 هزار ۾ ٻوري کپائي رهيا آھن هنن چيو ته ٻن ٽرالرن مان هٿ آيل 24 سئو ڀاڻ جو ٻوريون سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏنيون وينديون پر 7 ڪلاڪن کان اسان هتي ڌرڻو هڻي ويٺل آھيون ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو ۽ زراعت کاتي جا عملدار هتان کسڪي ويا آھن. هنن چيو ته جيستائين اسانکي سرڪاري اگهه تي هٿ آيل ڀاڻ نٿو ڏنو وڃي تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. آخري اطلاعن تائين آبادگارن جو ڌرڻو جاري هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button