صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته موتمار حادثن کان بچڻ لا ضروري آهي ته نالن تان حددخليون هٽايون وڃن. سائيٽ کاتي انهن نالن جي چوڌاري ڪار پارڪنگ، شيڊز، ڪي اليڪٽرڪ، سئي گيس، ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن جي آپريٽرن کي جاري ڪيل لائسنس فوري طور تي رد ڪري ڇڏيا آهن. هن اها ڳالهه ايم ڊي سائيٽ منور مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار ابڙو ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ مورڙو گل با شير شاهه نالا تي ڊرين جي ڪم جو معائنو ڪرڻ ۽ شير شاهه پراچا چوڪ نالي تي جاري امدادي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close