سنڌ

وارهه ويجهو ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) وارهه تعلقي جي ڳوٺ صادق ماڇي ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي محمد دين سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو. گاجي کهاوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق ماڇي ۾ هٿياربندن پنهنجي گهر جي ڇت تي بيٺل نوجوان محمد دين سولنگي کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته هن رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو، جنهن جي تصديق چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن ڪئي. هوڏانهن مقتول جي وارثن لاش ايمبولينس ۾ کڻائي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي والد مزن سولنگي، پنهنجي گهرواري مهر خاتون، پٽ علي شيخ ۽ ٻين سان گڏ دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ ڳوٺ جي بااثر منهنجي 13 ورهين جي ڌي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، جنهن معاملي جو راڄوڻي فيصلو ٿيو، جنهن ۾ بااثر کي ڪارو قرار ڏيندي سندس مٿان 7 لک ڏنڊ رکڻ سان گڏ 2 سال شهر نيڪالي جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن فيصلي کي بااثرن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ڌر اسان کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏيندي هئي، منهنجو پٽ محمد دين سولنگي گهر جي ڇت تي بيٺل هو ته بااثر عبدالرسول، شاهد، حاجن، خالق، مير حسن، نثار، امجد سولنگي ۽ ٻين گوليون هڻي ماري ڇڏيو. اهڙو اطلاع گاجي کهاوڙ پوليس کي ڏنو آهي، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button