ٽنڊي آدم ۾ ٻيراڻي روڊ تي 4 چور واپاري علي خان کوهي مري جي گهر ۾ داخل ٿي هزارين رپيا روڪ ۽ موبائل فون ۽ ٻيون سامان چوري ڪري ويا، ڀاڳين سجاڳ ٿيڻ تي دانهون ڪري ڳوٺاڻن کي گڏ ڪيو، جنهن بعد ڀاڳين ڳوٺاڻن جي مدد سان غلام رسول مهڪاڻي ، صدام مهڪاڻي ۽ گل مهڪاڻي کي سوگهو ڪري بي سيڪشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي گهر ڌڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل، هڪ ڪهاڙي، چوري ڪيل 5 هزار روڪ، موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close