غير درجه بندي

فنڪشنل ليگ جي اهم اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي پيپلزپارٽي ۾ شامل

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي مخالف اتحاد جي ڊي اي کي وڏو ڌچڪو رسيو آهي، پير پاڳاري جي ويجهي ساٿين فنڪشنل ليگ کان راهو الڳ ڪري ورتيون آهن. پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي جي رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي ۽ اڪبر راشدي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته پيپلزپارٽي جون عوام پاڙون مضبوط آهن، پ پ تي اڳ سخت تنقيد ڪندي رهي آهيان پر ڪڏهن به گار گند نه ڪئي آهي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جو ان موقعي تي چوڻ هو ته راشدي خاندان غير مشروط پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي، ضروري ناهي ته اهي ايم پي ايز يا ايم اين ايز بڻجن، پارٽي لا اهي محنت ڪندا، ٻيا ماڻهو به جلد پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا. ياد رهي ته مهتاب اڪبر راشدي فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻن مان هڪ آهي ۽ هوءَ فنڪشنل ليگ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر به رهي چڪي آهي. جڏهن ته مهتاب اڪبر راشدي جو مڙس اڪبر راشدي پير پاڳاري جو سئوٽ آهي. واضح رهي ته پيپلزپارٽي ڪجهه عرصي کان جي ڊي اي جا اهم اڳواڻ سندن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جون داعوائون ڪندا رهندا آهن، ان حوالي سان اها هن وقت تائين جي پهرين وڏي شموليت آهي. ان کان اڳ هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مهتاب اڪبر راشدي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. مھتاب اڪبر راشدي جو چوڻ آھي تھ رڳو آئون نه، سڄو خاندان پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، پير پاڳاري کي آگاهه ڪيو اٿئون، فريال ٽالپر اسان جي گهر اچي رهي آهي، ملاقات بعد باضابطا اعلان ڪنداسين. ف ليگ اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي طرفان ڊگهي عرصي کانپوءِ ف ليگ کان ڌار ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان ظاھر ڪيو ويو ھو جڏھن تھ ھاڻ مھتاب اڪبر راشدي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button