جاتي جي مختلف علائقن ۾ لڳايل 7 فلٽر پلانٽ پنج سالن کان غير فعال هجڻ ڪري رهواسي صاف پاڻي جي سهولت کان محروم آهن. ان ڏس ۾ 2010ع جي مها ٻوڏ کانپو ڪلڪان ڇاڻي جي ٽن ساحلي ڳوٺن ڏونگر جت، پ پ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي جي ڳوٺ حاجي عثمان ملڪاڻي يوسي مريد کوسو سميت ستن ھنڌن تي صاف پاڻي لا فلٽر پلانٽ لڳايا ويا ھئا. ھر فلٽر پلانٽ تي آپريٽر ۽ چوڪيدار پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ موٽرن لا تيل پڻ مھيا ڪيو ويندو ھو پر گذريل پنج سالن کان فلٽر پلانٽ غير فعال بنيل آھن، جڏھن ته فلٽر پلانٽن جي مشينري پڻ گم آھي، ڪٿي ڪٿي ته فلٽر پلانٽس جو وجود به ناھي. جنهنڪري کوھن جو کارو ۽ ڪٻو پاڻي ۽ سامونڊي ڍورن جو خراب پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. ان ڏس ۾ ساحلي پٽي جي رھواسين عاجز علي محمد ٿھيم، نثار احمد ٿھيم ۽ ٻين صحافين آڏو چيو ته اوسيز ڪمپني فلٽر پلانٽ لڳائڻ بعد ڪجھه وقت نظام ھلايو بعد ۾ پلانٽ غيرفعال ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close