سنڌ

ملڪ تجربيگاهه،پاڻي تي پنجاب جو قبضو آھي:قادر مگسي

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته 75 سالن کان ھي ملڪ تجربيگاهه بڻيل آھي، نه ملڪ ھلائڻ وارن کي خبر آھي ته نظم ضبط ڪيئن ھلندو؟ نه وري حڪمرانن کي جيڪي واري واري سان اقتدار ۾ اچن ٿا، انهن کي خبر آھي ته ويزن ڇا آھي. ھن اھڙن خيالن جو اظھار پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ھي ملڪ ھڪ مخصوص حالت مطابق ٺاھيو ويو. پاڪستان ٺاھڻ ۾ سنڌ جو اھم ۽ ڪليدي ڪردار آھي. ملڪ ٺاھڻ وارو قائداعظم محمد علي جناح به ٺٽي جو ھو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ملڪ ٺاھڻ جي قرارداد به سائين جي ايم سيد پيش ڪئي، جيڪو به سنڌ جو آھي. ملڪ ٺاھڻ لاءِ سنڌين وڏيون قربانيون ڏنيون، ھندستان ۾ مذھبي فساد ھليا، جنھن کانپو جيڪي اتان ھجرت ڪري آيا، حڪمران بين الاقوامي قوتن جا ذھني غلام بڻيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button