سنڌ

ڀاڻ فراهم نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيندو:ايوان زراعت

سنڌ جي آبادگارن، يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي يوريا ڀاڻ جي فراهمي نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. ڪالهه سڄي سنڌ جي آبادگارن جو اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سيد ميران محمد شاهه چيو ته ڪميشن مافيا سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪئي آهي. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڀاڻ جون ٽرڪون ڦرلٽ ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪا صورتحال خطرناڪ آهي. هن چيو ته ڀاڻ جون ڦرڻ ۾ ڪو به آبادگار ملوث ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ڀاڻ جي ڦرلٽ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ سخت ايڪشن کڻي مسئلو حل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button