سنڌ

پيرڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ واپاري قتل

پيرجوڳوٺ جي اناج منڊي وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 44 سالن جي هندو واپاري سنيل ڪمار پٽ گاگن مل کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي کان پو شھر مڪمل بند ٿي ويو ۽ شھر ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته سول سوسائٽي ۽ هندو برادري جي ماڻهن واپاري جي قتل خلاف ٻانهون مل، ڪشن مل، ڊاڪٽر منوج ڪمار، سيد ابوبڪر شاهه راشدي، پرويز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، هنن مطالبو ڪيو ته واپاري جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. ڌرڻي دوران ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين قاتلن جي فوري گرفتاري جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button