سنڌ

مانجهند ويجهو موٽروي پوليس خلاف ڌرڻو، ڊرائيور کي گهلي تشدد جو الزام

مانجهند ويجهو موٽر وي پوليس جي عملي خلاف ٽرانسپورٽر خاڻوٺ ۾ ٽرڪون بيهاري انڊس ها وي ويجهو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ٽرانسپورٽر اڳواڻ محمد ادريس سوڍر، بلاول کوسو ۽ عمران بلوچ چيو ته موٽر وي پوليس انڊس ها وي تي ڪيترن ئي هنڌن تي سندن بهه سان ڀريل ٽرڪن کي بيهاري رشوت لا تنگ ڪري ٿي، جنهن سبب پڇڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻائي ڪيترائي ڪلاڪ بيهاري ڇڏي ٿي. هنن چيو ته ڊي ايس پي عبدالجبار گاڏهي ٽرڪ کي روڪي ڊرائيور بلاول کوسو کي هيٺ لهڻ لا چيو، جنهن تي ڊرائيور گاڏي گرم هئڻ سبب ٻن منٽن جي مهلت ورتي ته کيس ٽرڪ مان گهلي لاهي مارڪٽ ڪئي وئي، جيڪو سراسر ظلم آھي. هنن چيو ته موٽروي پوليس رويو درست نه ڪيو ته هزارين ٽرڪون بيهاري روڊ بند ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button