سکر پوليس 29 ڪيسن ۾ روپوش ڏوهاري کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعوى ڪئي آهي ته گذريل رات ڏيڍ وڳي دادلو ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي شيخ پل ڀرسان پوليس ٽيم گشت ڪري رهي هئي ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ياسين شيخ نالي ڏوهاري مارجي ويو. جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو ته مارجي ويل ڏوهاري مٿان ڪراچي، سکر ۽ بدين سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قتل، اغوا، ڦر، چوري ۽ مقابلن جا 29 ڪيس داخل ٿيل آهن. مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان پستول، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن. خطرناڪ ڏوهاري جو پوليس مقابلي ۾ موت پوليیس جي وڏي ڪاميابي آهي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل روهڙي واسي ياسين شيخ جي وارثن پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close