پاڪستان

فواد چوڌري ۽ فيصل واوڊا خلاف نااهلي واري درخواست شنوائي لاءِ منظور

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي نُنهن، پوٽي ۽ پوٽِيِ پاران وفاقي وزير فواد چوڌري سميت 4 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف نااهلي جي درخواست شنوائي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله اڄ 11 جنوري تي درخواست تي شنوائي ڪندو.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته فواد چوڌري، فيصل واوڊا، صداقت عباسي ۽ فرخ حبيب کي 62 ون-ايف تحت نااهل قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ ميڊيا کي توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تائين راڻا شميم جي ڪردار ڪشي کان به روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button