پاڪستان

مري ۾ 7 جنوري تي وڌ کان وڌ برفباري 17 انچ هئي: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي مري سانحي جي وقت سياحتي هنڌ تي برفباري جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. موسميات کاتي موجب مري سانحي وقت برفباري ڏيڍ فٽ کان به گهٽ هئي ۽ مري ۾ 7 جنوري تي وڌ کان وڌ برفباري 17 انچ هئي. ترجمان موجب مري ۾ 4 جنوري تي 6 انچ برفباري ٿي ۽ 5 جنوري تي ساڍا 8 انچ هئي، برفباري گذريل ڪجهه سال معمول کان وڌيڪ هئي. واضح رهي ته مري ۾ شديد برفباري ۽ سياحن جي رش سبب صورتحال تمام خراب ٿي وئي هئي ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو گاڏين اندر ئي فوت ٿي ويا، جنهن بعد مري کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button