پاڪستان

اسٽيٽ بئنڪ تي وفاقي حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ تي وفاقي حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته جيڪڏهن اسان سينيٽ کي پارليامينٽ نٿا سمجهون ته ان کي بند ڪري ڇڏيو. شوڪت ترين جي اجلاس م سينيٽر قيصر شيخ سان منهن ماري پڻ ٿي. هن چيو ته آئون چونڊيل سينيٽر آهيان، توهان مٺي انداز ۾ جوتا هنيا، رپئي کي هٿرادو طريقي سان روڪي 60 ارب ڊالرن جو نقصان پهچايو ويو.

شوڪت ترين جي ريمارڪس تي ڪميٽي ميمبر احسن اقبال احتجاج ڪندي چيو ته ناڻي وارو وزير پارليامينٽ سامهون آهي ۽ ائين نٿو ڳالهائي سگهي، 40 سيڪڙو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪري ڪهڙيون برآمدون وڌايون ويون. ڪميٽي چيئرمين فيض الله ڪموڪا چيو ته احسن اقبال صاحب، توهان سينيئر سياستدان آهيو، پنهنجي واري تي ڳالهايو، مان توهان کي فلور ڏيندس.

احسن اقبال چيو ته هتي ناڻي وارو وزير ميمبرن تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن هتي ڪو پارليامينٽ ميمبرن کي ڇنڊ پٽيندو ته مان کيس ڪميٽي ۾ ويهڻ نه ڏيندس. ناڻي واري وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ تي پاڪستاني حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو، حڪومت بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا نالا نامزد ڪندي، بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري جو اختيار به حڪومت وٽ هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button