سنڌ

ٽنڊومستي جي پمپنگ اسٽيشن بند هجڻ خلاف رهواسين جي ريلي

ٽنڊومستي جي رهواسين پمپنگ اسٽيشن بند هجڻ خلاف ٽنڊومستي کان ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي جي اڳواڻي آدم خان، نزاڪت چانڊيو، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان جي علائقي ۾ پمپنگ اسٽيشن بند هجڻ ڪري سم نالو اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري تباهي مچي وئي آهي، ٽٽل سم نالي جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. اسان جا گهر، زمينون، فصل، باغ سڀ ڪجهھ سم نالي جي پاڻي تباهه ڪري ڇڏيا آهن. پمپنگ اسٽيشن بند هجڻ خلاف بار بار احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪنهن جي به ڪن تي جونءِ نٿي چري آهي. اسڪارپ کاتي ۾ ڪرپشن جي ڌم متل آهي. پمپنگ اسٽيشن لاءِ ايندڙ تيل جي مد ۾ لکين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button