سنڌ

مرحوم جلال چانڊيو کي ڀيٽا پيش، ٽوئيٽر ٽرينڊ تي ٽاپ لسٽ رهيو

مرحوم جلال چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جنھن ۾ ٽوئيٽر ٽرينڊ پاڪستان جي لسٽ ۾ ٽاپ لسٽ تي رھيو، جنھن ۾ سنڌ جي نوجوانن جلال چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪندي سندس زندگي بابت پنھنجا خيال پيش ڪيا. ان موقعي تي انجنيئر اسرار پنهور چيو ته جلال چانڊيو ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، جلال چانڊيو درزي جي ڪم سان پنھنجي زندگي جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي پرڪاش ميگهواڙ چيو ته جلال چانڊيو ڳائڻ جي حوالي سان نه صرف سنڌ پر دنيا ۾ پنھجو پاڻ کي مڃرايو. حسن رضا چيو ته جلال چانڊيو ڳائڻ جو هڪ نئون انداز يڪتارو ۽ چپڙي جو ٽرينڊ متعارف ڪرايو. ان موقعي تي علي گل باجڪاڻي چيو ته جلال چانڊيو ۾ سنڌ ايترو ته مشهو جو ان جي زندگي ۾ ئي هڪ ٽيلي فلم ٺاهي وئي، جنهن ۾ مک ڪردار هن پاڻ ئي ادا ڪيو هو. جڏهن ته ارڏو اترادي چيو ته جلال چانڊيو پنهنجي مقبوليت جي ڪري ڌاريل ۽ پوليس سان به ويجهو رهيو. ان موقعي تي آصف باغي چيو ته جلال چانڊيو لا سائين جي ايم سيد چيو هو ته چڱو ٿيو ته جلال سنڌي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو جو اسان جي پنجابي راڳ مان جان ڇڏي. جلال چانڊيو پنهنجي مداحن سان ايترو پيار ڪندو هو جو غريب ماڻهن وٽ بنا معاوضي شادين ۾ شامل ٿيندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button