سنڌ

نئون ديرو ويجهو دادو ڪئنال مان انڌي ٻلهڻ هٿ

نئون ديرو جي پير جان محمد وٽ دادو ڪئنال ۾ هڪ ٻلهڻ جي موجودگيءَ واري اطلاع تي جهنگلي جيوت کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان حامد، اعجاز احمد، اختر حسين ٽالپر ۽ عظميٰ خالد سميت ريسڪيو ٽيم آپريشن ڪري 5 ڪلاڪن جي ڊگهي جدوجهد بعد انڌي ٻلهڻ هٿ ڪري ورتي. عملدارن ٻڌايو ته چار ڏينھن اڳ دادو ڪئنال مان مرزاپور وٽان ٻه ڊولفن کي ريسڪيو ڪيو ويو ھو. روھڙي ڪئنال مان به ڊولفن ريسڪيو ڪرڻ جي جنگلي جيوت دعوى ڪئي آھي. عملدارن ڳالهائيندي چيو ته انڌي ٻلهڻ جي نسل کي بچائڻ لا روزانو مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي، ٻلهڻ کاڌ خوراڪ لا اصل هنڌ کان ڪئنالن طرف نڪري وڃن ٿيون ته انهن کي هٿ ڪري واپس ساڳئي هنڌ تي پهچايو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button