سنڌ

لاڙڪاڻي مان گم ٿيل معصوم ٻارڙي جو پتو نه پيو

لاڙڪاڻي شھر جي وليد ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني ۾ رھندڙ عابد علي چانڊيو جي ڌي ٻئي ڪلاس جي شاگردياڻي شازيا چانڊيو گذريل خميس تي جيل ڪالوني جي پرائمري اسڪول ويندي رستي مان گم ٿي وئي آهي. وارثن سندس ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر معصوم نينگري جو ڪو پتو نه پئجي سگھيو آهي. سندس وارثن پاران اھڙو اطلاع حد جي ٿاڻي وليد پوليس کي ڏنو ويو، جنهن جي اين سي پڻ داخل ڪرائي ورتي آهي.

پ پ ش ڀ ليڊيز اڳواڻ آپا پروين چانڊيو روزاني “سنڌ ايڪسپريس“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي پوٽي گذريل خميس تي اسڪول وئي پر واپس ناھي موٽي. هن

اپيل ڪندي چيو ته معصوم نينگري شازيا کي واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ڇو ته هن وقت اسان جي گھر ۾ ماتم آهي ۽ اسان سخت پريشان آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button