سنڌ

وي سي انيلا عطا الرحمان جي درخواست،ڌرين کي نوٽيس

سنڌ ھاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي جبري موڪل تي اماڻيل وائيس چانسلر انيلا عطاءُ الرحمان جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سومر تي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت انيلا عطاءُ الرحمان کي به سومر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست ۾ پروفيسر انيلا جبري موڪل تي اماڻڻ واري عمل کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي سندس خلاف جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي هڪ ميمبر تي اعتراض واريا ھئا. درخواست ۾ انيلا عطاءُ الرحمان چيف سيڪريٽري سنڌ، يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري ۽ وقتي وي سي ڊاڪٽر حاڪم ابڙو کي ڌر بڻايو ھو. هن چيو ته 12 فيبروري تي مون کي غير قانوني ۽ بدنيتي سان جبري موڪل تي اماڻڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، مان ٽن سالن کان يونيورسٽي جي عهدي تي فائز آهيان ۽ سندس چار سالن وارو قانوني مدو اڃا پورو ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button