سنڌ

اوٻاوڙو ۾ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر،2 عورتون فوت

اوٻاوڙو ۾ مريد شاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد صادق آباد – مريد شاخ روڊ تي ريڻي ڪئنال وٽ ڪراسنگ دوران تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه عورتون مائي اشرف ۽ مائي نصرت چيڀاٽجي فوت ٿي ويون. موٽرسائيڪل سوار پنجاب جي علائقي چوڪ چڍهڙ کان ماڇڪو وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو. اطلاع تي کنڀڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل عورتن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻن عورتن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button