سنڌ

ڊکڻ ۾ ڌرين ۾ تڪرار تان فائرنگ،عورتن جو ٿاڻي اڳيان احتجاج

ڊکڻ ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. عورتن ڊکڻ ٿاڻي آڏو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس ۽ مخالف ڌر جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تاجل شر ڌر جي عورتن حضوران، شر، لعل خاتون، حسنا خاتون، حسينا خاتون، اربيلي خاتون ڌاڻو خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شبير شر جي ڌر اسان مٿان فائرنگ ڪئي آهي، ڊکڻ پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس فائرنگ روڪڻ لاءِ ناهي پهتي، فائرنگ سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو آهي، عورتن پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته ڊکڻ پوليس مخالف ڌر کان رشوت وٺي خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي، عورتن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ مخالف ڌر اسان جي نوجوان احمد نواز شر کي قتل ڪيو هو، ان باوجود پوليس الٽو اسان جي نوجوان نور حسن شر کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. هنن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فائرنگ بند ڪرائي وڌيڪ خونريزي ٿيڻ کان بچايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ رفيق سومرو ٻڌايو ته نوجوان جي قتل ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪيو آهي، فائرنگ روڪڻ لاءِ پوليس نفري گهرائي آهي، ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌرين جي ڇڪتاڻ ختم ڪرائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button