عالمي

روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو، 40 فوجين سميت 50 ڄڻا مارجي ويا

ڪيف/ ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان يوڪرين جي اوڀر ۾ فوجي آپريشن جي حڪم کانپوءِ يوڪرين جي تخت گاهه سميت مختلف شهرن ۾ روسي فوج ميزائل وسايا ۽ فوجون لاهي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن مطابق روسي صدر صبح جو 6 وڳي کان ڪجهه دير اڳ ٽي وي تي حيران ڪندڙ بيان ۾ چيو ته “مون فوجي آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي.” جڏهن ته يوڪرين جي پريزيڊنسي طرفان جاري ڪيل بيان موجب روسي حملي ۾ هيل تائين 40 فوجي ۽ 10 شهري مارجي چڪا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 5 روسي جهاز ۽ هڪ هيليڪاپٽر تباهه ڪيو ويو آهي. روسي اختيارين چيو آهي ته اسان جا زميني دستا يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته يوڪرين جو ايئر ڊفينس سسٽم تباهه ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button