سنڌ

لاڙڪاڻو آئي بي اي اسڪول ۾ 21 صدي جا چئلينجز جي عنوان هيٺ ڪانفرنس

لاڙڪاڻو آءِ بي اي پبلڪ اسڪول جي ميزبانيءَ هيٺ “21 هين صدي جا چئليجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو” جي سِري هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ڪميونٽي ڪاليجز خيرپور، گهوٽڪي، دادو، ڪيهر ۽ فوجي فائونڊيشن جي شاگردن ۾ سائبر ڪرائيم، سائبر سيڪيورٽي، گلوبل وارمنگ، شاگردن جي قيادت، انتهاپسندي ۽ بحث مباحثي ۾ حصو وٺي خيالن جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس دوران 20 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چئن الڳ الڳ ٽيمن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ بيت بازي جا مقابلا ڪرايا ويا. شاگردن ڪشمير ڊي جي حوالي سان ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا. ان موقعي تي مهمان خاص پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل چيو ته جتي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بائيو ٽيڪنالاجي تيزي سان نيوٽيڪنالاجي ۾ ضم ٿي رهي آهي اتي اسان کي مستقبل جي چئلينجن کي به قبول ڪري سائبرنگ ڏانهن تيز رفتار سفر بابت وڌيڪ سوچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مستقبل جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ گلوبل وارمنگ، خوراڪ جي حفاظت ۽ زندگي جي ٻين ضروري جزن سان گڏ تيزي سان وڌندڙ انساني آبادي تي به جامع بحث ڪرائڻ گهرجي. بيگم ڀٽو ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ثمينه ابڙو چيو ته مون ڪڏهن به اهڙي شاگرد ڪانفرنس نه ڏٺي جتي شاگرد بهترين تحقيقي ۽ ان جي پريزينٽيشن سان گڏ حاضرين کي گهڻو متاثر ڪيو آهي انهن جو اعتماد ۽ چونڊيل مضمون جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. تعليمي ماهر خادم حسين رند، نظير چانگ ۽ ٻين خطاب ڪيو. آخر ۾ ٽيبلوز، خاڪا ۽ بيت بازي ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ توڙي رنر اپ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي انعام ۽ سرٽيڪيٽ ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button