سنڌ

باقراڻي ويجهو قتل ڪيل عورت جو ڪيس مڙس سميت 5 ڄڻن تي داخل

باقراڻي ويجهو گهٽا ڏيئي قتل ڪيل عورت جو ڪيس سندس مڙس، ٻن ڏيرن ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيو ويو. باقراڻي ويجهو ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ گهرو اڻبڻت تان گهٽا ڏئي قتل ڪيل عورت زيبا عرف بيبي سومرو واري واقعي جو ڪيس مقتولا جي ڀاءُ محمد عمر سومرو جي فرياد تي يونيورسٽي ٿاڻي تي مقتولا زيبا جي مڙس محمد سومرو سندس ٻن ڀائرن علي حسن سومرو، گل حسن سومرو ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن سميت پنجن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾ گھربل هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button