سنڌ

ميان صاحب ويجهو گم ٿيل نوجوان جو لاش کيرٿر ڪئنال مان هٿ

ميان صاحب ويجھو ڳوٺ واحد بخش سيلرو مان ٻه مھينا اڳ گم ٿيل 40 ورھين جي نوجوان عبدالفتاح پٽ عبدالوهاب سيلرو جو لاش کيرٿر ڪئنال مان ھٿ آيو. جھان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش سيلرو مان ٻه مھينا اڳ گم ٿيل نوجوان عبدالفتاح پٽ عبدالوھاب سيلرو جو لاش کيرٿر ڪئنال جي ڪپر تان ھٿ آيو، نوجوان جي لاش جو گوشت ۽ ماس پٽيل ھو، رڳو ھڏائون ڍانچي جي صورت ۾ ھٿ آيو. وارثن نوجوان جي لاش جي ڳچي ۾ پاتل تعويذ ۽ ڪپڙن جي ذريعي سڃاڻپ ڪئي. وڌيڪ لاش جا ھڏا گڏ ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ لا اسپتال موڪليا ويا آھن، جنھن بعد ڪنفرم ڪيو ويندو ته لاش ڪنهن جو آهي. نوجوان جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان گھڻن ڏينھن کان گم ھو ۽ اسان اغوا جو شڪ به ظاھر ڪيو ھو پر پوليس ڪنھن قسم جي مدد نه ڪئي. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني به ناهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي ته کيس قتل ڪيو ويو آھي يا ڪو ٻيو حادثو پيش آيو آھي. لاش ھٿ اچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button