سنڌ

قمبر شهر ۾ صفائي ۽ ڊرينيج نظام تباهه هجڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

قمبر ۾ فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران جناح باغ کان پريس ڪلب تائين شهر سنوارو احتجاجي ريلي ڪڍي ڪئي. ان موقعي سڪندر صنم جهنڊيل، ڪامريڊ محمد عالم نوناري، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، ڪاشف علي سومرو، خالد حسين مارفاڻي،علي زيب گوپانگ، استاد شيٽي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته شهر جي پراڻي ميونسپل، درزي مارڪيٽ، گرلز ڪاليج واري گهٽي سميت شهر جي هر محلي ۽ ڪچين آبادين ۾ گندگي ۽ ناڪارا بڻيل سيوريج سسٽم سبب گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي روڊ رستن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن شهر جي صفائي نه ٿيڻ عوام کي انصاف نه ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button