سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو،نوجوان قتل،4 ڄڻا مرڻينگ

اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ پراڻي تڪرار تان 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان شفيع محمد سيلرو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، عبدالستار ڌونڌو، شھزادو ڌونڌو، قربان سيلرو ۽ سانوڻ سيلرو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. جنهن کانپو ڳوٺاڻن مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اوٻاوڙو اسپتال آندو، جتان زخمين کي نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود وارثن شير محمد سيلرو، عبدالخالق سيلرو ۽ ٻين ٻڌايو ته مخالف ھٿياربندن حملو ڪري اسان جو نوجوان قتل ڪيو ۽ چار ڄڻا زخمي ڪيا. رانوتي پوليس اطلاع باوجود نه پھتي. هوڏانهن رانوتي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ پھتاسين، صورتحال تي ضابطو آندو. ھوڏانھن علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button