سنڌ

نيب رولز بابت جواب جمع نه ڪرائڻ تي نيب پراسيڪيوٽر تي عدالت جي ڪاوڙ

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب رولز بابت جواب جمع نه ڪرائڻ تي نيب پراسيڪيوٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جاچ، طريقي ڪار، قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته حيرت آهي ته 22 سالن کان نيب رولز جي بنا ڪم ڪري رهيو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب رولز ٻيهر ڊرافٽ ڪري قانون واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ايوان صدر کي موڪليا ويا آهن، ايوان صدر مختلف وزارتن کان راءِ طلب ڪئي، جڏهن ته قانون واري ۽ گهرو وزارت ڪجهه خدشن جو اظهار ڪيو هو.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته نيب جيڪي ليٽر لکيا آهن، اهي ڪٿي آهن؟ جنوري 2020 کان درخواست شنوائي هيٺ آهي، اڃا تائين جواب جمع ناهي ڪرايو ويو، ايندڙ شنوائي تي جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ڏنڊ هڻنداسين. عدالت وڌيڪ شنوائي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button