سنڌ

سجاول جوڻيجو ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

سجاول جوڻيجو پوليس زيادتي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ ڀائي خان مستوئي جي رھواسين اشرف مستوئي، ارشاد مستوئي ۽ محمد عظيم مستوئي چيو ته بااثر ماڻهن عبدالغفار مستوئي، حسين بخش، ممتاز علي ۽ غلام مرتضى پوليس جي زور تي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. ڊي ايس پي ميرو خان علي بخش ڍڪڻ ۽ ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو احمد نواز تنيو دٻا وجهي رهيا آهن ته زمين تان ھٿ کڻو، اسان تي ايڊيشنل آ جي مظفر علي شيخ جو دٻا آهي، ٻي صورت ۾ اوھان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا. هنن آ جي سنڌ سميت اختيارين کان گهر ڪئي ته پوليس زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button