سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وارهه واسي سماجي ڪارڪن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ وارهه واسي سماجي ڪارڪن رياض ڪلهوڙو وارهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. رياض ڪلهوڙو دانهيندي چيو ته وارهه ۾ پاڻي کوٽ سبب لکين ايڪڙ ٻيجارو سڙي ويو ۽ هارين کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هاڻي وارهه واسين کي واٽر سپلا مان ملندڙ مٺو پاڻي بند ڪري پاڻي ڍڪ لاءِ ترسايو پيو وڃي. هن چيو ته حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ بي حسي سبب عوام لڏپلاڻ تي مجبور آهي. هن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته وارهه ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button