سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ڪي اين شاهه واسي جو پوسٽ عملي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ خيرپور ناٿن ٍشاهه جي ڳوٺ بهاول خان لغاري واسي پيرسن پوسٽ آفيس عملي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن رحمت الله لغاري دانهيندي الزام لڳايو ته نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي مالي مدد لاءِ خط لکيا هئا، جنهن نوٽيس وٺندي مالي مدد طور هڪ ڪروڙ 13 لک روپيا پوسٽ آفيس ڪي اين شاهه معرفت مون ڏانهن موڪليا، جيڪا رقم مان وٺڻ لاءِ پوسٽ آفيس پهتس ته آفيس عملي انور ڏاوچ، منظور مهيسر، فقير محمد گاڏهي ۽ ٻين رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مان شڪايت کڻي هيومن رائيٽس حيدرآباد آفيس پهتس، جن پوسٽ عملي کان معلومات حاصل ڪئي ته هنن چيو ته پيرسن جي نالي تي رقم آئي آهي. هن چيو ته هيومن رائيٽس حيدرآباد جي نمائندي عبدالوهاب عباسي چيو ته مان سيشن ڪورٽ مان تنهنجي ويريفڪيشن ڪرائي رقم ڏياريندس، پر تنهن باوجود ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button