اسلام آبادپاڪستانغير درجه بندي

سپريم ڪورٽ صحافين کي حراسان ڪرڻ تي ڊي جي ايف آئي اي، چيئرمين پيمرا ۽ آئي جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف پاڻمرادو نوٽيس ۾ ڊي جي ايف آئي اي، چيئرمين پيمرا ۽ آئي جي اسلام آباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. خميس تي سپريم ڪورٽ 13 سيپٽمبر جي شنوائي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڊي جي ايف آئي اي، چيئرمين پيمرا ۽ آئي جي اسلام آباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي. لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو ته صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز گذريل هڪ سال جي صحافين تي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جي واقعن جي رپورٽ جمع ڪرائين. لکت حڪم نامي مطابق ڊي جي ايف آئي اي به هڪ سال ۾ صحافين تي ٿيندڙ ڪيس ۽ جاچ جي رپورٽ پيش ڪن، حڪم نامي مطابق اٽارني جنرل ۽ ٻيا لا آفيسر پيمرا آرديننس جي سيڪشن 27 بابت مدد ڪن ٻڌايو وڃي ته پيمرا آرڊيننس جو سيڪشن 27 آئين جي آرٽيڪل 19 مطابق آهي يا نه. حڪم نامي مطابق ڊي جي ايف آئي اي، چيئرمين پيمرا ۽ آئي جي اسلام آباد ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين، ڪيس جي شنوائي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button