سنڌ

باقراڻي ويجهو گونگو ۽ ٻوڙو نينگر ٻن مهينن کان گم، وارث پريشان

باقراڻي جي ڳوٺ گل محمد تنيو واسي گونگو ۽ ٻوڙو نينگر 9 ورهين جو عرفان علي ولد مرحوم عبدالقادر تنيو 2 مهينا اڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو. گم ٿيل نينگر عرفان جي چاچي جاويد علي تنيو ٻڌايو ته ڀائيٽو 2 مهينا اڳ باقراڻي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو ته گهر واپس نه آيو ۽ گم ٿي ويو. اهڙو اطلاع باقراڻي پوليس کي ڏنو آهي. هن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button