سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ استادن جو پ ٽ الف اڳواڻن خلاف احتجاجي مظاهرو

پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي پاران فيسن ۾ واڌ ۽ جنرل باڊي نه ڪرائڻ خلاف پرائمري استادن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي پرائمري استادن غلام الله سانگي، افسر علي قريشي، ضمير احمد گاد ۽ ٻين چيو ته پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقو لاڙڪاڻو يونٽن طرفان غيرآئيني طور سالياني فيس 120 مان وڌائي 200 روپيا ڪئي وئي آهي پر پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي طرفان مرڪز کي باءِ پاس ڪري هر اسڪول جي هيڊ ماستر کي ليٽر اماڻي فوري طور سالياني فيس ۾ في ميمبر کان 200 روپيا اوڳاڙيا پيا وڃن. جڏهن ته سالن کان جنرل باڊي نه ڪرائي استادن جي مسئلن کي حل نٿو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي جنرل باڊي ڪوٺائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button