سنڌ

رتوديرو ۾ آئي بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو احتجاج

رتوديرو ۾ آ بي اي ٽيسٽ پاس ماستري جي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ اميدوارن سهيل احمد ڀٽو، حسنين زنگيج ، صلاح الدين پنهيار، ضمير ٻوسڻ، مصطفيٰ کوکر، عبدالخالق، رضوان قاضي ۽ ٻين شهر جي مک روڊن جو گشت ڪندي رتوديرو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان آءِ بي اي ذريعي ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪئي پر اسان سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته 50 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن هنن چيو ته غير مسلم اميدوارن ۽ فيميل کي 50 مارڪن تي پاس ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسلمان لاءِ 55 مارڪون رکيل آهن هنن چيو ته اها ٻٽي پاليسي بند ڪئي وڃي، سڀني اميدوارن لاءِ هڪجيتريون مارڪون رکيون وڃن، ظلم ته اهو آهي جو 33 مارڪون کڻندڙن کي پاس ڪيو ويو آهي پر 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي فيل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻو جي يوسي 5 جي رهواسڻ هڪ ڇوڪري شهناز ڌيءُ مختيار کي تعلقي رتوديرو ۾ آرڊر ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته جنسي ۽ مذهبي فرق ختم ڪري برابري جي بنياد تي انصاف ڪيو وڃي هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته 50 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button