سنڌ

ڪشمور مان نوجوان ڇوڪري مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ڪشمور شهر مان نوجوان ناري مبينا اغوا ٿي وئي. ڪشمور جي روينيو کاتي جي پٽيوالي باهو سومرو جي نوجوان 18 ورهين جي ڌي ناديه سومرو کي هٿياربند مبينا اغوا ڪري ويا. ان موقعي تي مغوي ناري جي پي باهو سومرو ڪشمور ٿاڻي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اڳ ۾ منهنجي پٽ تي ڪيس داخل ٿيو هو ته هن ڪنڌڪوٽ مان ناري اغوا ڪئي آهي پر اغوا نه پر رضا خوشي سان شادي ڪئي هئي، جنهن بعد اسان اها ناري مالڪن واپس موٽائي ڏني هئي پر اڄ اسان جي گهر ۾ گهڙي ڪنڌڪوٽ واسي غلام جان کوسو ۽ ڪشمور جي پوليس اهلڪار شاني سومرو ۽ ٻين نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي اسان کي مارڪٽ ڪرڻ بعد منهنجي 18 ورهين جي ڌي ناديه سومرو کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنهن بعد اسان ڪشمور ٿاڻي تي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي آهي. ٻئي طرف ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي. اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جلد ئي ناري کي بازياب ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button