سنڌ

ڄامشوري ۾ ايس يو پي اڳواڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٽائون صدر جاويد شورو آزاد نه ٿيو، کيس کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف سول سوسائٽي ۽ شورا برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڄامشورو جي صدر جاويد شورو جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي ۽ شورا برداري پاران شهر جي مک چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ساگر جمن بڙدي، قادربخش شورو، مٺو شورو، ساگر عالماڻي، رحيم جمالي، آصف شورو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 9 اپريل تي ڄامشورو ڦاٽڪ تان جاويد شورو کي نامعلوم ماڻهو کنڀي کڻي ويا هئا، اڃا تائين کيس ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سندس گهرڀاتي سخت پريشان آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن جاويد شورو مٿان ڪنهن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي ته ان کي ظاهر ڪري جيل اماڻيو وڃي، خبر ناهي جاويد شورو ڪهڙي حال ۾ هوندو هو، هو پرامن سياسي ڪارڪن آهي، ان جي آزادي لاءِ اسان مسلسل پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته جاويد شورو کي ترت آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ايس يو پي جي احتجاج ۾ جسقم ڪارڪن وقار پنھور جو والد عبدالستار پنھور به شامل ٿي پنھنجي پٽ جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button