سنڌ

ساحل گهانگرو جا قاتل گرفتار ڪريو“ ڄامشوري ۾ احتجاج

ڪجهه ڏينهن پهرين ميهڙ ۾ قتل ڪيل نوجوان ساحل گهانگهرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڄامشورو ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ربنواز ابڙو، ساگر بڙدي، آصف شورو، محمد بخش مري، ساگر عالماڻي، شاهنواز خاصخيلي جي اڳواڻي شهر جي مک چونڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ ۾ ساحل گھانگھرو کي انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس لاش ڦٽو ڪيو ويو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، پوليس قاتلن کي بچائڻ ۾ مصروف آهي پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته ساحل گھانگھرو کي اغوا ڪيو ويو، وارثن جي شڪايتن باوجود پوليس روايتي سستي برقرار رکندي کيس بچائڻ ۾ ناڪام رهي، جنهنڪري وارثن کي سندس لاش مليو، قاتلن کي سخت سزا ڏئي سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button