سنڌ

ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتاريون،قادر مگسي نوابشاهه پهچي ويو

نواب شاهه ۾ ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين واري واقعي بعد ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي نواب شاهه ۾ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ويو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي واقعي کانپوءِ اسان اڻ اعلانيل مُدي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکنداسين، جيستائين اسان جي ڀيڻ ۽ ڪارڪن آزاد نٿا ٿين. ھن چيو ته ايس ايس پي زرداري ھائوس جو ملازم آھي، جيڪڏھن پوليس جي اھڙي روش جاري رھي ته سنڌ جي وڏي وزير مُراد علي شاهه، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ ۾ سياست ڪرڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته جيڪڏھن پوليس آفيسر پنھنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ بدران قومي ڪارڪنن ۽ مظلوم ماڻھن کي ايزائيندا ۽ تڪليفون ڏيندا ته اهي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنھنجن اباڻن علائقن ۾ ڪھڙو منھن کڻي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button