سنڌ

نواب شاهه ۾ ايس ٽي پي جي هڙتال،پوليس تشدد،نثار ڪيريو جي زال ۽ ڀا گرفتار

نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پوليس ۽ ايس ايس پي خلاف اعلانيل شٽربند ھڙتال پوليس جي پرتشدد ڪاروائين جي ور چڙھي وئي. شھر جي مختلف علائقن ۽ ڪاروباري مرڪزن ٻاھران پوليس اھلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿينديون رھيون. مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو جي گھر تي پوليس موبائلن چڙھائي ڪري سندس ڪينسر ۽ شُگر جي مرض ۾ مبتلا زال نجمه ڪيريو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ڪامران ڪيريو سميت گھر ڀاتين ۽ ٻارن تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد مريض عورت ۽ نوجوان کي پوليس پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي وئي. پارٽي جي ضلعي قيادت پوليس تي 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي موٽرسائيڪلن سميت کنڀي گم ڪرڻ جو الزام هنيو آھي. جڏھن ته ايس ٽي پي جي ريگل چوڪ تي واقع ھائوس تي پڻ پوليس اٽالن چڙھائي ڪري آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڪارڪنن کي کنڀڻ سان گڏ آفيس مان لائسنس وارو پسٽل پڻ کڻي وئي. ٻئي طرف پوليس پاران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو جي گھر تي چڙھائي ڪري سندس زال کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ ۽ ٻين گھر ڀاتين تي تشدد خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ليڊيز ونگ پاران نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button