پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام لڳ ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام لڳ موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، خبر موجب ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندڙ ڪار موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي کيسانه موري وٽ ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي، ڪار ٽڪرائجڻ سبب ڪار ۾ سوار ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ايمبولينس نه هجڻ سبب سوزوڪي ۾ ويجهو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو.

جتي زخمن جي سٽ نه سهندي هڪ ڄڻو حيدرآباد لطيف آباد واسي اليڪشن ڪميشن جو ملازم شيراز بابر فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻن ڄڻن احسن خان ۽ فهد علي جي حالت نازڪ هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ ايمبولينس نه هجڻ سبب فوتي شيراز بابر جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين سوزوڪي ۾ ئي پيل رهيو، جڏھن ته ٽنڊوڄام پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش سندس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button