سنڌ

سائين جي ايم سيد جي ورسي: 5 پارٽين جي گڏيل حاضري

جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي جي موقعي تي ڳاڙهي ڪهاڙي واري جهنڊي سان لاڳاپيل پنجن پارٽين جيئي سنڌ تحريڪ (سورھيه سنڌي)، جيئي سنڌ محاذ (سرور سھتو)، جسقپ (نواز خان زئنور) جسقم (آريسر)، سنڌ سڄاڳ فورم سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھيه سنڌي، جسقم آريسر جي قائم مقام چيئرمين ارباب پيل، سرمد ميراڻي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، سنڌ سڄاڳي فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويو، سهڻي جويو، قومي دانشور تاج جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سن شهر جي مک چوڪ کان سيد جي مزار تائين پيادل ريلي ڪڍي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي تي پنجن پارٽين طرفان سيد جي مزار تي گڏيل حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهڻ سان سيد جي فڪري پيروڪارن ۾ ويجهڙائپ پيدا ٿيندي ۽ ايڪي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ کي هٿي ملندي، اسان منظم ۽ متحد ٿياسين ته دشمنن جي سمورين سازشن جو ڀرپور طرح سان مقابلو ڪري سگهنداسين. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد صدين کان قومي غلامي جي آڙاهه ۾ ڦاٿل قوم کي نجات ڏيارڻ لا سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏي، سيد قوم جو مسيحا هو، جنهن قوم کي ڏکن تڪليفن اهنجن مان ڪڍڻ ۽ آزاد قوم جي حيثيت ۾ بيهارڻ لا 32 سال قيد ۽ نظربندي قبول ڪئي، هن سڄي حياتي آدرشن تي سياست ڪئي، سنڌ هن خطرناڪ حالتن مان گذري رهي آهي، ان وقت منظم ۽ متحد ٿيڻ سان ئي وطن کي لاحق خطرن مان ڪڍي سگهبو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button