سنڌ

سائين جي ايم سيد جي ورسي تان موٽندڙ عورتن سميت 80 ڄڻا لاڪپ

سائين جي ايم سيد جي ورسي تان موٽندڙ قافلن تي پوليس ڪڙڪي پئي، خاڻوٺ ٽول پلازه وٽان ڄامشورو پوليس روڪي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 80 ماڻھن کي ٿاڻن تي آڻي ڪجھه ماڻھن کي گم ڪري ڇڏيو، وارث عورتن احتجاج ڪيو. تفصيل موجب: سن مان سائين جي ايم سيد جي ورسي تان موٽندڙ قافلن تي پوليس ڪڙڪي پئي، خاڻوٺ ـ ٽول پلازه وٽان ڄامشورو پوليس قافلن کي روڪي ورتو، عورتن، ٻارڙن ۽ قومي ڪارڪنن سميت 80 جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ عذرا کوکر، سندس ور ڊاڪٽر نذير کوکر، نثار ڪيريو، اياز دستي، گلزار شاھه، امير ٿھيم، فرمان سومرو، مرتضي سومرو، الفت سھتو، گل، ضمير سھتو سميت ٻيا شامل آھن، جن کي گرفتار ڪري ڄامشورو ۽ خاڻوٺ ٿاڻن تي لاڪپ ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڄامشورو ٿاڻي اڳيان فرمان سومرو جي گھرواري فردوس سومرو احتجاج ڪندي دانھيو ته پوليس منھنجي مڙس فرمان سومرو ۽ سندس سئوٽ مرتضي سومرو کي ٿاڻي تي آڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، اسان ٻارڙن سميت دربدر آھيون. ھن مطالبو ڪيو ته منھنجي مڙس ۽ ان جي سئوٽ کي آزاد ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين ھڪ مسافر بس، وين ۽ ان ۾سوار ماڻھو ڄامشورو ٿاڻي تي ھئا. جڏهن ته ڄامشورو پوليس پنھنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button