سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ طلاقيل عورت جو بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني جي رهواسڻ طلاق يافته عورت پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت ڪرن بروهي نياڻي ڪومل ۽ پٽ مظهر علي سان گڏجي دانهيندي چيو ته 18 سال اڳ منهنجي شادي ظفر علي شاهاڻي سان ٿي، جنهن مان ٽن نياڻين ۽ پٽ جي اولاد آهي. هن چيو ته 6 سال اڳ گهريلو مسئلن تان مڙس ظفر علي شاهاڻي طلاق ڏني هئي، جنهن بعد مان پنهنجي نياڻي ڪومل ۽ پٽ مظهر علي سان مسواڙ جي گهر ۾ رهندي آهيان. هن الزام لڳايو ته ميروخان چوڪ جو رهواسي بااثر نوجوان شعيب شيخ گذريل ٻن سالن کان دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، جنهن مهينو اڳ پنهنجي پي احمد علي شيخ ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو، جتي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي سخت تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي جو ڪيس وليد ٿاڻي تي شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدارن مٿان داخل ڪرايو، جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ منهنجي 8 ورهين جي پٽ مظهر علي کي اغوا ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن ڪري مان پنهنجي اغوا جو ڪيس ختم ڪرايو. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته بااثر شعيب شيخ منهنجا فوٽو هڪ فيڪ آءِ ڊي ذريعي سوشل ميڊيا تي رکي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button